اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صنعتن جي لاءِ وڏي رليف پيڪيج تحت انهن کي سستي بجل?? فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهرين نومبر کان ننڍن ۽ وچولي درج?? جي صنعتن کي اضافي بجلي تي 50 سيڪڙو ۽ وڏين صنعتن کي 25 سيڪڙو رعايتي ملندي، ماضي ۾ مهانگي بجلي ٺاهڻ جا معاهدا ڪيا ويا جنهن جي ڪري صنعتن کي مهانگي بجل?? فراهم ڪئي پئي وڃي ان پيڪيج سان ملڪ ۾ صنعتن ک?? فروغ ملندو. روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معي??ت ترقي ڪندي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي شدت ۾ تيزي اچي رهي آهي، شهري عوامي جاين تي ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائين، ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻي م??حل?? جي تناظر ۾ ڪاروبار ۽ صنعتون بند نه ڪنداسين. اها ڳالهه هن صنعتن جي لاءِ وڏي رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي ڪئي.