ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قبض?? گروپن جي خلاف ڪارروائي تي پنجاب حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ايندي آهي، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آهي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پنجاب جي عوام کي هيلٿ ۽ انشورنس جي سهولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ سال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺاهي ويندي، مقامي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ وره??ئڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوز??ار ۽ سندس ٽيم کي قبض?? گروپن جي خلاف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جهڙي طرح هن قبض?? گروپ جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آهي?? قبض?? گروپ هڪ لعنت آهي جيڪي غريبن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي محنت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قبض?? گروپن جي اڳيان بيوس هوندا هئا.