اسل??م آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي پوليو کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو مشن آهي، وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومتن جي جامع ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان کي پوليو فري بڻ??ئي سگهجي ٿو، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جهڙي جذبي سان ئي پوليو کي به شڪست ڏيڻي آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير عثمان بوزدار، سيد مراد علي ش??هه?? محمود خان، محمد خالد خورشيد، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان آر??ي جي انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، صوب??ئي چيف سيڪريٽريز، صحت واري وزارت ۽ عالمي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوب??ئي حۡڪومتن جي موثر حڪمت عملي جي ڪري هن وقت تائين هن سال پوري ملڪ ۾ بلوچستان مان صرف هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، ڪورونا وبا جي ڪري پوليو جي روڪٿام واري مهم سستي جو شڪار ٿي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پنجاب ، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڃان به پوليو وائرس جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن، اهو ٻڌايو ويو ته پهچ، سيڪيورٽي۽ والدين جي عدم تعاون جي سببن جي بنياد تي مهم ۾ وڏي تعداد ۾ ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم رهجي ويندا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪيو پي?? وڃي جنهن ۾ جاگرافي??ئي انفارميشن سسٽم ۽ ٽريڪنگ استعمال ۾ آندو پي?? وڃي، بل ۽ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي پوليو نگراني بورڊ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليس حڪومت پاڪستان ۽ وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.