اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته هڪٻئ?? جي پارلياماني اڳواڻن جو احترام ڪيو ويندو انهن جي تقريرن ۾ غير قانوني طريقي سان مداخلت نه ڪئي ويندي، رولز جو احترام نه ڪرڻ، ايوان ۾ اُلرون ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي تي مخالف ڌر جي خدشن کي سامهون رکندي 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سور?? جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ واپس ورتي وئي آهي، قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ايوان ۾ پيش آيل اڻوڻندڙ واقعن کانپوءِ حڪومت مخالف ڌر سان رابطو ڪيو جنهن کانپوءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ان ۾ مخالف ڌر پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانونسازي آئيني گهرجون پوريون ڪندي قانون موجب ??ئي وئي آهي، جنهن تي ان جي جائزي لاءِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه?? جيڪو انهن اعتراضن جو جائ??و وٺندي ان ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کان 6، 6 ميمبر شامل ٿيندا ان کانسواءِ اها ڪميٽي قانوني طريقيڪار تي به غور ڪندي، جڏهن ته مخالف ڌر انهن بلن تي غور لاءِ ڪميٽ?? جي قيام کانپوءِ عدم اعتماد جي رٿ واپس وٺندي