اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي انطاليا سفارتي فورم جي موقع?? تي ڪويت جي پنهنجي هم منص?? شيخ ڊاڪٽر احمد ناصر المحمد سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ديرپا اسٽريٽجڪ شراڪتداري لاءِ جامع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طر??ي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻه طر??ي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.