اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، شهري آبادين ۾ ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي ??ال??ن ۽ قدرتي آفتن کان ??چاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان ??اري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ بابت قو??ي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، خاص مددگارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي اعليٰ آفيسرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ شهرن جي ماسٽر پلان ??ي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ 28 شهر جن جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ 47 لک آهي، جي ماسٽر پلان ??ي ڪم تيزي سان ??اري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل عملدارن پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ماسٽر پلان ??يار ڪرڻ جو عمل جلد کان ??لد مڪمل ڪيو وڃي، ماسٽر پلان ۾ زمين جي استعمال، معاشي ترقي، ادارن جو بنيادي ڍانچ?? ۽ ??نانشل پلان ??ياحت ۽ ثقافتي ورثي، ماحولياتي تحفظ، ٽرانسپورٽ، هنگامي ??ال??ن ۽ قدرتي آفتن کان ??چڻ لاءِ جامع منصوبابندي شامل آهي، اجلاس کي مختلف شهرن جي ماسٽر پلان ??ي تڪميل جي نه رڳو موجوده صورتحال کان ??گاهه ڪيو ويو پر ماسٽر پلاننگ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ تبديلين کي شامل ڪرڻ جي طريقيڪار کان ??ه آگاهه ڪيو ويو، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان ??وران لينڊ پاليسي کي تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ زمين جي استعمال جي درجه بندي سان گڏوگڏ اسپيشل ڪمرشلائيزيشن ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. خيبرپختونخوا جي حوالي سان ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن جي 9 شهرن جي سميت صوبي جي 20 وڏن شهرن جو ماسٽر پلان مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو ٻيلن ۽ قدرتي ندي نالن جو تحفظ پر ڊگهين عمارتن جي تعمير به شامل آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پشاور، مردان، چارسده، نوشهره، صوابي ۽ ايبٽ آباد جو پلان ??يار آهي جڏهن ته 5 ٻين شهرن جو پلان پڄاڻي جي مرحلي ۾ آهي، اسلام آباد جي حوالي سان ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته گهڻ ماڙ عمارتن جي سارسنڀال لاءِ اصول جوڙيا پيا وڃن ته جيئن تعمير کانپوءِ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، وڌيڪ زون 3 ۾ گرين ايرياز جي تحفظ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرور آهي، شهري آبادين ۾ ماحول جي بهتري لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي ??ال??ن ۽ قدرتي آفتن کان ??چاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي.