اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾ عوام وزيراعظم عمران خان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ سيٽن سان سر فهرست رهي، پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي جي طور تي اڀ??ي سامهون آئي جنهن سمورن صوبن ۾ نمائندگي حاصل ڪئي آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي سڪڙجي علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) هڪ به سيٽ نه ک??ي سگهي. سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جو پنجون نمبر ??هي??، پيپلزپارٽي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي.