اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته برطانوي عدالتن ريحام خان کي ذل??ي بخاري تي ڪوڙن الزامن تي هرجاڻي ۽ معافي گهرڻ جو حڪم ڏنو، اهڙي طرح ج?? قانوني نظام پاڪستان ۾ آڻڻ جي ڪوشش کي اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف چئي ميڊيا مالڪ مهم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بحرحال ريحام جو ڪوڙو هجڻ هڪ دفعو ٻيهر ثابت ٿيو، اصل ۾ هو عادي ڪوڙي آهي. وفاقي وزير پنه??جي ٽوئيٽ ۾ ريحام خان کي ان ٽوئيٽ جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ريحام خان ذل??ي بخاري تي لڳايل الزامن تي معافي نامو شيئر ڪيو، پنه??جي معافي نامي ۾ ريحام خان چيو ته مون 6 ۽ 7 ڊسمبر 2019ع تي پنه??جي يوٽيوب چئنل، فيس بڪ پيج ۽ پنه??جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ذوالفق??ر عباس بخاري تي روز ويلٽ هوٽل کي گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان الزام لڳايا هئا جيڪي غلط ۽ ڪوڙا هئا. ريحام خان پنه??جي ٽوئيٽ ۾ 7 ڊسمبر 2019، 15 مارچ 2020ع، 17 مارچ 2020ع ۽ 23 مارچ 2020ع تي ذل??ي بخاري تي لڳايل الزامن تي به چيو ته اهي غلط ۽ ڪوڙا هئا. هن ذل??ي بخاري تي لڳايل الزامن تي غير مشروط معافي گهري ۽ هتڪ عزت ۽ قانوني خرچن جي مد ۾ رقم ادا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.