اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2030ع تائين ملڪ مان ٽي بي جي ??ات??ي جو هدف پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بيمارين بابت آگاهي وڌي رهي آهي، ٽي بي جي مرض جي وقت سر تشخيص سان علاج ممڪن ۽ زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ميڊيا آگاهي مهم ۾ هڪومتي ڪوششن جو ڀرپور ساٿ ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽي بي جي ??ات??ي ب??بت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ عالمي ادارن جي نمائندن، پارليامينٽ ميمبرن، طبي ماهرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر چ??و ته ٽي بي جو ماضي ۾ علاج موجود نه هو، ٽي بي اهڙو مرض نه آهي ج??هن کي لڪايو وڃي، تازي عرصي دوران صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن، پول??و تي ضابطو آڻڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي چڪا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته افغانستان ۾ به پول??و تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غذائي کوٽ به هڪ اهم مسئلو آهي. صدر چ??و ته عالمي ادارن ٽي بي جي ??ات??ي لاءِ وڏو تعاون ڪيو، صحت ڪارڊ غريبن جي لاءِ وڏي نعمت آهي. صدر چ??و ته چين ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، پاڪستان کي ڪورونا جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا تي ضابطو آندو، اميد آهي ايندڙ سالن ۾ ٽي بي جي مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته ٽي بي جي حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي، بيمارين کان تحفظ بابت عوامي آگاهي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ادارا ڪوششن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بنائيندي ته عوام کي صحت جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته ملڪ ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين بابت پڻ آگاهي وڌي رهي آهي، ميڊيا بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ماضي ۾ پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ڳالهه ڪرڻ به مشڪل هو ج??هن جي ڪري عورتون ان موذي مرض جي جلد تشخيص ۽ علاج نه ڪرائي سگهنديون هيون، آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اها صورتحال هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي. صدر چ??و ته ٽي بي ب??بت ملڪ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ شهرين تائين پڻ پيغام پهچائڻ جي ضرورت آهي، ان سان وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ٽي بي جي مرض کان بچائي سگهجي ٿو. هن چ??و ته ماڻهن کي ٽي بي جي مريضن جي ذريعي آگاهي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ۾ گذريل سال پوليو جو رڳو هڪ ڪيس سامهون آيو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هر سال ٽي بي جي مريضن ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چ??و ته صحت ڪارڊ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد، بلوچستان جي صحت واري وزير احسان شاهه، قومي صحت واري وز??رت جي جوائنٽ سيڪريٽري محمد بشير کيتران، اداڪار فيصل قريشي ۽ ٻين شخصيتن پڻ تقريب کي خطاب ڪيو ۽ ملڪ ۾ ٽي بي جي ??ات??ي جي لاءِ ڪئي ويندڙ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪيو. صدر تقريب ۾ صحت جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن کي شيلڊ ڏنيون.