ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ين??ر جي روڪٿام بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي منظم مهم هلائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها ??ين??ر جي علاج کان آسان ۽ گهٽ خرچ آهي، پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ائٽمي توانائي، زراعت ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ذريعي ساراهه جوڳيون قومي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، ڪرن ۾ نئين شامل ڪيل سهولتن جو افتتاح ڪندي مون کي خوشي ٿي آهي ۽ اميد آهي ته ان سان ??راچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ??ين??ر جي مريضن کي يقينن وڏو ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ين??ر جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هتي ڪرن اسپتال ۾ ??ين??ر جي مرض بابت آگاهي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻن ڏينهن جي سمپوزيم جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن اٽامڪ انرجي ??ين??ر اسپتال (اي اي سي ايڇ) ڪراچي ۾ ??ين??ر جي تشخيص ۽ علاج جي نئين تنصيبن جو پڻ افتتاح ڪيو، اها سهولت پي اي اي سي جي ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ريڊيو ٿراپي اينڊ نيوڪليئر ميڊيسن (ڪرن) سان واڳيل آهي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. سمپوزيم ۾ سڄي ملڪ مان ??ين??ر جا 200 کان وڌيڪ ماهر دماغ، ڳيچي ۽ ڇاتيءَ جي ??ين??ر تي پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ انقلاب جي ڪري نئين ٽيڪنالاجي، جديد ترين ٽيڪنيڪن جي اچڻ سان ??ين??ر جي خلين جي علاج جون نيون ٽيڪنڪون سامهون اچي رهيون آه??. ه?? اميد ظاهر ڪئي ته پي اي اي سي ??ين??ر اسپتال نئين دور جي ضرورتن موجب اپ گريڊ ڪندا. هن مريضن تي زور ڏنو ته جن کي ??ين??ر جي مرض ۾ مبتلا هجڻ جو شڪ آهي اهي جلد کان جلد پنهنجي صحيح تشخيص جي لاءِ وڃن جنهن سان انهن جي صحتيابي ۾ يقيني طور تي فائدو ٿيندو. صدر چيو ته پي اي اي سي ۽ ان جون 19 ??ين??ر اسپتالون ملڪ جي صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪنديون رهنديون. صدر خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي جي سرندي وارن صحت جي حوالي سان ??من ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. هن چيو ته بحيثيت قوم پاڪستان 40 سالن تائين 40 لک افغان پناهگيرن جي دل کولي مدد ڪئي ۽ انهن جي ميزباني ڪئي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني ڪيترا سخي آه??. ه?? چيو ته جديد قومون هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ بي گهر ماڻهن ۽ پناهگيرن کي غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙ چئي پري رکڻ جي تصور تي عمل پيرا هئا. ان ??ان اڳ پي اي اي سي جي چيئرمين محمد نعيم صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ بيگم ثمينه عارف علوي کي ڪميشن جي قدمن ۽ قوم جي سماجي ۽ اقتصادي بهتري جي لاءِ ٺاهيل منصوبن بابت آگاهه ڪيو جن جو وڏو حصو دفاع، توانائي ۽ صحت جي شعبن تي ٻڌل آهي. هن ٻڌايو ته 1100 ميگاواٽ جي ڪي – 2 نيوڪليئر پاور پلانٽ جي تازي افتتاح کانپوءِ انهي پيداواري صلاحيت سان ??راچي ۾ ڪي – 3 جي نالي سان هڪ ٻيو پاور پلانٽ 31 مارچ 2022ع تي نيشنل گرڊ سان ??نڍجي ويندو. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ پي اي اي سي جي چئن مرڪزن 125 کان وڌيڪ بيمارين جي خلاف فصل جون بهتر قسم تيار ڪيون آه??. ه?? چيو ته اسان ??ي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته ملڪ جي 30 کان 40 سيڪڙو پوکيءَ لائق زمين مختلف فصلن جي اسان جي ٻجن جي قسم کي استعمال ڪري رهي آهي. پي اي اي سي جي چيئرمين ٻڌايو ته ڪميشن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??ين??ر جي تشخيص ۽ علاج جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، 1960ع ۾ ڪراچي ۾ ??ين??ر جي علاج جي پهرين سهولت قائم ڪئي ۽ هر 3 کان 4 سالن کانپوءِ هڪ نئين اسپتال شامل ڪندو رهيو. هن چيو ته پي اي اي سي 14 جنوري 2022ع تي گلگت انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن، آنڪولوجي اينڊ ريڊيو ٿراپي جي نالي سان پنهنجي 19 هين ??ين??ر اسپتال جو باضابطا افتتاح ڪيو جڏهن ته هو مظفرآباد ۾ 20 هين ??ين??ر اسپتال تعمير ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ هڪ مهيني جي اندر ان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو.