اسلام آباد – 22 فيبر??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار جي حيثيت سان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي وڏي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر وائس ايڊمرل نشانٿا او??وگيٽن سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيبر??ري 2021ع ۾ پنهنجي سريلنڪا جي د??ري کي ياد ڪندي ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ٺوس طور تي اپ گريڊ ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون پاڪستان سريلنڪا لاڳاپن جو اهم جز ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو عنصر رهيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو سريلنڪن قيادت جي پاڪستان جي د??ري جو منتظر آهي. سريلنڪا جي وائيس ايڊمرل نشانٿا او??وگيٽن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن تي زور ڏنو ۽ عالمي ۽ علائقائي فورمن تي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.