اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان ??لاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب حافظ حفيظ الرحمان ??زيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چلاس ۾ پي ايم پاران عالمي معيار جي سهولتن سان ??يس اسپتال جي منظوري مقامي ماڻهن جي لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته ٽريفڪ جي سڄو سال رواني جي لاءِ بابوسر ٽنل جي منظوري سان ??ه رڳو سياحت کي فروغ ملندو پر مقامي آبادي جي اچ وڃ ۽ معاشي سرگرميون ??ڄو سال بنا رڪاوٽ جاري رهنديون. حافظ حفيظ الرحمان ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير کي 2029ع بدران 2026ع ۾ م??مل ڪرڻ جي هدايت تي وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پ??ش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح عوام جي خدمت آهي، چار سالن جي ڪاري دور ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي نظرانداز ڪيو ويو، انشاءَ الله ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر هاڻي تيزي سان جاري رهندو.