اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) سپري?? ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپري?? ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين جي ??نافي آهي، قومي اسيمبلي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني هو، قومي اسيمبلي 3 اپريل 2022ع جي ??وزيشن تي بحال ڪئي وڃي ٿي، نگران حڪومت جي ??يام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، سپري?? ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي سان صدر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، سپري?? ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته وزيراعظم اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي اهل نه هو، وزيراعظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي جو 9 اپريل ڇنڇر تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪنهن ميمبر جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿ??ڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪنهن به قومي اسيمبلي ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، تنهن هوندي به پارٽي ??ان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپري?? ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قرار ڏنو آهي ته اسپيڪر ڇنڇر تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي، بي اعتمادي رٿ ڪ??مي??ب ٿئي ته فوري نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي وڃي، لکت وارو حڪم نامي بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.