ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي شپ يارڊ ۾ ملجم ڪلاس جهاز پي اين ايس بدر لانچ ڪر?? ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ خص??صي تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خص??صي مهمان طور شرڪت ڪئ??. ترڪي جو دفاع وارو وزير هولوسي آقار، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻين اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئ??. جهاز ترڪي جي ايم ايس سفات جي تعاون سان ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ ترڪي جي معاهدي جي تحت ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعمير ڪئ?? وئي آهي، ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعمير پاڪستان ۽ ٻن جي تعمير ترڪي ۾ ڪئ?? پئي وڃي، ان طرز جي پهرين بحري جاز جي لانچنگ گذريل سال آگسٽ ۾ ترڪي ۾ ٿي هئي، ٻيا ٻه جهاز مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن ۽ اهي جديد هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هوندا. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ جهاز پي اين ايس بدر جو ماڊل وزيراعظم کي پيش ڪيو، ياد رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو هو.