گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون دل تي پٿر رکي مجبُوري ۾ وڌائڻيون پيون، 8 ڪروڙ غريب ماڻهن کي مهانگائي جي ??ثرن کان بچائڻ لاءِ مالي معاونت فراهم ڪئي ويندي، اشرافيه کي به قرباني ڏيڻي پوندي، شرعات پنهنجو پاڻ کان ڪندس، ايسٽ بي ايڪسپريس وي جي ??عمير سان گوادر نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍجي ويندو، گوادر ۾ بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پاڻي جي ??ستيابي کي يقيني بڻايو ويندو، بئنڪن جي ??ريعي سولر پينل مهيا ڪيا ويندا، گوادر يونيورسٽي جي لاءِ فنڊز رکنداسين، 2 هزار ماهيگير خاندانن کي ٻيڙين جيون انجڻيون مفت فراهم ڪنداسين، بلوچستان جي 5 لک اضافي خاندانن ۽ گوادر جي ??مورن خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، دفاع وارو وف??قي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وف??قي وزير احسن اقبال، منشيات جي ??اتمي وارو وف??قي وزير شاهه زين بگٽي، مواصلات وارو وف??قي وزير اسعد محمود، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پانگ چن زي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن گوادر ۾ ترقياتي منصوبن جو فضائي معائنو ڪيو آهي، گوادر ايئرپورٽ چين جي ??ڪومت جي گرانٽ سان تعمير ڪيو پيو وڃي، ايسٽ بي ايڪسپريس وي مڪمل ٿي وئي آهي ۽ ان جي ??عمير سان گوادر نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍجي ويندو، ان سان سامان جي چرپر ۾ آساني ٿيندي، گوادر ۾ هڪ ڊي سيلينيشن پلانٽ جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي، علاج جي لاءِ اسپتال تعمير ڪئي وئي آهي جڏهن ته گوادر جي 3200 خاندانن جي لاءِ شمسي توانائي سان هلندڙ سولر پينل مهيا ڪيا پيا وڃن، اسان جا سيڪيورٽي ادارا چيني شهرين کي سيڪيورٽي جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي ??ميواري بهتر طريقي سان ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن هڪ اجلاس جي پڻ صدارت ڪئي آهي جنهن ۾ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو، هن وقت تائين ترقياتي منصوبن تي ڪم جي ??فتار اطمينان جوڳي نه آهي، گوادر ايئرپورٽ اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو جڏهن ته 18 – 2017ع ۾ ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، چين جي ??در شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ ان جي لاءِ تحفي طور گرانٽ ڏني هئي، گوادر ۾ پيئڻ جو پاڻي به مڪمل طور تي مهيا ناهي ڪيو ويو ۽ هاڻي ٻڌايو ويو آهي ته پراڻا پائيپ تبديل ڪيا پيا وڃن، اهو به ٻڌايو ويو آهي ته پاڻي جي ??خيري ۾ گهٽتائي به اچي سگهي ٿي، ان جي لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻو پوندو، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اربين خرچ ڪيا ويا آهن پر پاڻي جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو، جيڪڏهن اڳ ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳايو ويو هجي ها ته هر گهر کي پاڻي ملي رهيو هجي ها، اهڙي طرح گوادر ۾ بجلي جي کوٽ به هڪ مسئلو آهي، ايران سان ٽرانسميشن لائين وڇائڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويا آهن، اسان پنهنجا هدف مقرر ڪيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وف??قي وزير احسن اقبال کي هدايت ڪئي آهي ته هو لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن سان اجلاس منعقد ڪري هر منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وقت جو تعين ڪيو وڃي، گوادر پورٽ دنيا جي ڊيپ سي پورٽ آهي پر ان جي ڊريجنگ نه هجڻ جي ڪري گهرائي گهٽ ٿي آهي جنهن جي ڪري وڏا سامونڊي جهاز هتي لنگرانداز نه ٿا ٿي سگهن، اهو مسئلو به حل ڪرڻو پوندو ۽ اسان کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته سندس تجويز آهي ته حڪومتي سطح تي ڳالهين ذريعي وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. بلوچستان جو وڏو وزير ۽ منصوبابندي وارو وف??قي وزير احسن اقبال ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪن. هن چيو ته ايران سان بجلي هاصل ڪرڻ ۾ اسان کي خوشي ٿيندي پر ڪيترن ئي سالن کان اهو منصوبو دير جو شڪار آهي، جنهن ڪمپني 3200 خاندانن جي لاءِ سولر پينلز عطيي طور ڏنا اهن ان سان ۽ ٻين ڪمپنين سان گڏجي گوادر ۾ بجلي جي فراهمي جي لاءِ هڪ مالياتي ماڊل ٺاهي سگهجي ٿو، ان جي لاءِ بئنڪن کان رقم ڏيارينداسين، چين يا ٻين ملڪن جونڪمپنيون کليل ۽ شفاف ٻوليءَ ذريعي معقول سائز جا سولر پينل فراهم ڪري سگهن ٿيون ۽ انهن جي 5 سالن جي مرمت جو به معاهدو ڪري سگهجي ٿو، ان سان گڏ گوادر، تربت، پسني ۽ ڀرپاسي جي ??لائقن ۾ سولر پارڪس پڻ لڳائي سگهجن ٿا ته جيئن آف گرڊ بجلي علائقي ۾ مهيا ڪري سگهجي، شمسي توانائي سان انهن خاندانن کي بجلي ملي ۽ اها ئي ڪمپني بل به وصول ڪري، بجلي جي فراهمي جو مسئلو حل ڪيو ويندو. هن چيو ته پورٽ اٿارٽي سان گڏجي ڊريجنگ ڪري سگهجي ٿي ان ۾ اسان جو جيڪو 9 يا 10 سيڪڙو شيئر آهي ان مان به ڪٽوتي ڪري سگهجي ٿي، اسان پنهنجي وسيلن سان به ان مقصد جي لاءِ 4 کان 5 ارب رپيا خرچ ڪري سگهون ٿا، ماضي جي ??فلت جي ڪري ڊريجنگ نه ڪئي وئي. هن چيو ته منصوبابندي ۽ ترقي واري وف??قي وزير احسن اقبال کي هدايت ڪئي اهي ته ڪسٽمز چيڪ پوسٽن جي ??والي سان اجلاس منعقد ڪري جائز مطالبن کي پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته ماهيگيرن جي 2 هزار مستحق خاندانن کي ڪُڻن ذريعي ٻيڙين جي لاءِ وف??قي حڪومت انجڻيون مفت فراهم ڪندي ۽ پوءِ ب??قي ماهيگيرن جي لاءِ به مرحليوار ان جو انتظام ڪيو ويندو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري منصوبو تعطل جو شڪار رهيو آهي، گوادر يونيورسٽي جي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ فنڊز رکيا ويندا. وزيراعظم چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو دل تي پٿر رکي مجبوري ۾ ڪرڻو پيو، گذريل حڪومت جي ??ور ۾ جڏهن عالمي منڊي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي هئي ته ان کي اٽو، تيل ۽ دالين ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ??وفيق نه ٿي، جڏهن اڳوڻن حڪمرانن حڪومت هٿ مان نڪرندي ۽ بي اعتمادي جي ??ٿ ڪامياب ٿيندي ڏٺي ته پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪري ڇڏيون ۽ اسان جي لاءِ هڪ ڄار وڇايو ته اسان ان ۾ ڦاسي وڃون، اسان هڪ هفتو پوري ڪوشش ڪئي ته عوام تي بار نه وجهڻو پوي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت قرضن سان ملڪ هلايو، 98 سيڪڙو ضرورتون اسان درآمد ڪري پوريون ڪريون ٿا، گئس جا ذخير به گهٽ ٿي رهيا آهن، اضافو مجبوري ۾ منتقل ڪرڻو پيو آهي پر ان سان گڏوگڏ 8 ڪروڙ غريب ماڻهن کي 2 هزار رپين جي ??بسڊي پڻ ڏئي رهيا آهيون ته جيئن غريب ماڻهو ٻارن جي ??عليم ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي ??ل غريب عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي، نواز شريف ۽ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ ۽ ميمبر ان ڳالهه تي متفق آهن ته غريب عوام تي بار نه وڌو وڃي، (اڄ) ڇنڇر ڏينهن هڪ اجلاس طلب ڪيو آهي، غريب عوام 75 سالن کان قرباني ڏني آهي، اشرافيه جيڪي صاحب حيثيت آهن، انهن کي به هاڻي سادگي اختيار ڪرڻي ۽ قرباني ڏيڻي پوندي، سڀ کان اڳ ان جي ??روعات پنهنجو پاڻ کان ڪندس، گورنرز، وڏا وزير، وزير، صلاحڪار، وف??قي ۽ صوبائي سيڪريٽري ۽ سرڪاري آفيسر، سياستدان سڀني کي ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهڻو پوندو ۽ سخت قدم قبول ڪرڻا پوندا، محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪنداسين، سادگي اختيار ڪنداسين، قرباني ڏينداسين تڏهن ئي هي ملڪ قائداعظم جي ??واب جي ??عبير بڻجندو ۽ اسان چئلينجن کي عبور ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف وٺي وينداسين. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ چين جي ناظم الامور چيو ته ايسٽ بي ايڪسپريس وي سان مقامي ماهيگيرن کي فائدو ٿيندو، چين پاڪستان سان مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري جاري رکندو، ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي سان مقامي ماهيگيرن کي فائدو ٿيندو، ايسٽ بي ايڪسپريس جي ??عمير سان گوادر نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍجي ويندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي مستقبل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، منصوبن سان گوادر ۽ بلوچستان جو مستقبل واڳيل آهي جنهن سان هتان جي ??وام کي فائدو ٿيندو، حڪومتي قدمن سان صوبي ۾ امن امان جي ??ورتحال بهتر ٿي آهي، گوادر پاڪستان جو مستقبل آهي، هتي پاڻي ?? بجلي جي فراهمي جو مسئلو حل ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. هن چيو ته گوادر پورٽ جي ملازمن کي مستقل ڪرڻ گهرجي ۽ مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي روزگار فراهم ڪرڻ گهرجي.