اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪو به معاشرو عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ قانونن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته پارلياماني وومين ڪاڪس پوري پاڪستان ۾ عورتن جي ترجماني ڪري رهي آهي. پارلياماني وومين ڪاڪس بنا ڪنهن سياسي وابستگ?? جي سڄي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جو خواب عورتن جي شموليت کانسواءِ تعبير نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستاني عورتن جي زندگ?? جي سمورن شعبن ۾ شموليت ساراهه جوڳي آهي. عورت پارليامينٽ ميمبرن جي عورتن جي حقن جي لاءِ قانونساز?? جي عم?? ۾ ??موليت فخر جوڳي آهي. عورتن جي حقن جي لاءِ دختر جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن وقت پارليامينٽ ۾ اهم قانونسازي جو عمل جاري آهي. پارليامينٽ ۾ قانونساز?? جي عم?? ۾ ??ورتن جو فعال ڪردار لازمي آهي. چونڊ سڌارن جي قانونساز?? جي لاءِ عورتن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده رحماني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ڪريان ٿو ته شاهده رحمان?? جي سربراهي ۾ وومين ڪاڪس پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. بطور اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن تعاون جاري رک??دس. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر جا ڪاڪس اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر کي ڪاڪس جي هدفن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو.