اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آءِ ا??م ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام جي متاثر ٿيڻ جو احساس آهي، پر ان کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، صورتحال تي قو?? کي جلد اعتماد ۾ وٺندس، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز ش??يف چيو ته آئون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام تي ٿيڻ واري اثرن کان چڱي طرح آگاهه آهيان، پر پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ا??م ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي ڪري موجوده حڪومت وٽ پيٽروليم مصنوعاتن جون قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، وزيراعظ?? چيو ته هو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ا??م ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي حوالي سان قو?? کي جلد اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظ?? چيو ته انشاءُ الله اسان اقتصادي مشڪلاتن مان نڪري اينداسين، وزيراعظم حيرانگي جو اظهار ڪيو ته جن آءِ ا??م ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو ۽ انتهائي غلط معاشرتي فيصلا ڪيا ڇا هو سچ جو منهن ڏسڻ جي همت رکن ٿا؟ هن چيو ته قو?? هن وقت جنهن معاشي مشڪلاتن مان گذري رهي آهي، ان جو ذميدار ??اڻ کي ڪيئن بري زمان قرار ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته هو اڳوڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ا??م ايف معاهدي جي باري ۾ قو?? کي جلد اعتماد ۾ وٺندو.