اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جاپان ??اڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، پاڪستان ??ختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان ??وجب وزيراعظم شهباز شريف سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ جي وفد تڪاجي جي باني تڪاج?? سوجي جي قيادت ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪارن جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم جلد کان جلد کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جاپاني سيڙپڪاري کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان حڪومت پا??ان ??ر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته جاپان ??اڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي. پاڪستان ??ختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون سيد ط??رق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.