لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل ??ائنسز لاهور جو دورو ??يو ۽ اسپتال ۾ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي به ساڻس گڏ هو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اسپتال جو ??را??يڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر وحيد، صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اسپتال ۾ جاري تعميراتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ان ??را??يڪٽ جي لاءِ 100 ڪينالن تي ٻڌل ڊينٽل ??سپتال جي لاءِ 2005ع ۾ زمين خريد ڪئي وئي. ??را??يڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر وحيد ٻڌايو ته اسپتال جي تعميراتي ڪمن جي شروعات 2010ع ۾ ٿي. هن ٻڌايو ته هن وقت ان ??را??يڪٽ جي لاڳت جو ڪاٿو 347.358 ملين ??ڳا??و ويو هو، جڏهن ته 30 جون 2022ع تائين ان منصوبي تي 673.390 ملين خرچ ڪيا ويا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد ٻڌايو ته ٿري ڊي اسپتال جديد اوزارن ۽ سهولتن سان ليس هوندي ۽ ان کي تمام جلد مڪمل ??يو ويندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسپتال ۾ جاري تعميراتي ڪمن کي جلد مڪمل ??يو وڃي ته جيئن عوام ان جديد ٿري ڊي اسپتال جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهي.