راولپنڊي -30 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ٻوڏ کان بچاءَ ۽ امدادي ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ سوات جي علائقن جو دو??و ڪي??. ان دو??ي جو مقصد ڪمراٽ، ڪالام ۽ ڀرپاسي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ امدادي ڪارروائين بابت زميني حقيقتون معلوم ڪرڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ملڪ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيليڪاپٽر 82 اڏامون ڀريون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 27 هيليڪاپٽرن جي اڏامن ذريعي 316 ڄڻن کي بچايو ويو ۽ 23.27 ٽن راشن ۽ امدادي شيون فراهم ڪي??ن ويون. ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ٻوڏ متاثرن ۾ 3540 راشن جا پيڪيٽ ۽ 250 خيما ورهايا ويا. جڏهن ته 51 فري ميڊيڪل ڪي??پن ۾ 33025 مريضن جو علاج ڪي?? ويو. آرمي فلڊ رليف ڪو آرڊينيشن سينٽر هيڊ ڪوارٽر آرمي ايئر ڊفينس ڪمانڊ تحت ڪم ڪندو آهي جنهن ۾ فوج جي سطح تي اسٽيڪ هولڊرن سان هم آهنگي سان ريسڪيو ۽ رليف جون ڪوششون ڪي??ن وينديون آهن. رليف جو سامان گڏ ڪرڻ لاءِ 217 پوائنٽ قائم ڪيا ويا آهن، جتي هيل تائين 122.87 ٽن خوراڪ (اٽو، داليون، کنڊ وغيره) 5.9 ٽن غذ??ئي شيون (خيما، ترپال)، ڪپڙي وغيره گڏ ڪيا ويا آهن. عالمي ٻوڏ رليف امداد جي حوالي سان ترڪيه مان 7 فوجي جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن. گڏيل عرب امارات مان 3 فوجي جهاز نور خان ايئر بيس راولپنڊي پهچي ويا آهن. چين مان 2 جهاز 3000 خيما کڻي ڪراچي پهچندا. جاپان مان ترپالون ۽ پناه گاهون اڄ ڪراچي پهچنديون. ڪي??يڊا 5 ملين آمري??ي ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪي?? آهي. برطانيه 1.5 ملين پائونڊ ڏيڻ جو واعدو ڪي?? آهي. جڏهن ته آذربائيجان 2 ملين آمري??ي ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪي?? آهي.