اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين الشريفين شا??ه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شا??ه سلمان بن عبدالعزيز صدر کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو هڪ پيغام موڪليو آهي ج??هن ۾ خادم الحرمين الشريفين صدر، فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت ڪئي آهي. هن زخمين جي ج??د صحتيابي ج?? دعا ڪندي چيو ته اسان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ توهان سان گڏ آهيون. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پڻ صدر کي اهڙو ئي پيغام موڪليو آهي ج??هن ۾ هن چيو ته سعودي عرب ان افسوسناڪ صورت??ال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد صدر ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان پنهنجي گهري ڏک ۽ دلي همدردي ج?? اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمين جي ج??د صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.