اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۽ متاثرين جي بحالي اولين ترجيح آهي، وفاق، صو??ا ۽ لاڳاپيل ادارا ٻوڏ سٽيلن جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، چئلينج تمام وڏو آهي، مشڪل وقت ۾ اسان کي مضبوط هجڻ جو موقعو ڏنو آهي، ٻوڏ سٽيلن جي فوري امداد جيل اءِ 70 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهايا ويندا، بطور قوم متحد ٿي ان چئلينج جو مقابلو ڪرڻو پوندو، نيشنل فلڊ ريسپانس ايند ڪوآرڊينيشن سينٽر قومي سطح جي فيصلن ۾ معاونت فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايرا هيڊڪوارٽرز نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ ۾ ٻوڏ جي صو??تحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، وفاقي ۽ صو??ائي حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارا ريسڪيو ريليف ۽ بحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم جنهن سومر ڏينهن قمبر شهدادڪوٽ جو دورو ڪيو چيو ته ائين لڳندو هو ته هر طرف سنڌو درياءَ جو پاڻي ڦهليل آهي، صو??تحال انتهائي چئلينجنگ آهي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر بڻايو ويو آهي جنهن جو مقصد گڏجي ويهي صو??تحال تي غور ڪرڻ ۽ مشاورت سان فيصلا ڪري صو??تحال جو مقابلو ڪرڻ آهي، هي سينٽر قومي سطح جي فيصلن ۾ معاونت ڪندو. هن چيو ته ٻوڏ جي صو??تحال تمام خراب آهي، هيليڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ذريعي ماڻهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي سهولت ڏني پئي وڃي پر ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين پهچ نه آهي، ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن، ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ واپس وڃڻ چاهين ٿا، انهن جي پوري زندگي جي هڙ مُوڙِي ختم ٿي وئي آهي، وفاقي حڪومت شروعاتي طور تي 25، 25 هزار رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورڇ ڪرڻ جي لاءِ 28 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو هو پر ٻوڏ سبب نقصان تمام وڌيڪ آهي جنهن کانپوءِ اها رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪيترائي لک خاندان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان لکين ايڪڙ فصل تباهه، چوپائي مال ۽ ٻين ملڪيتن کي به نقصان پهتو، چانور ۽ ڪپهه جا فصل ختم ٿي ويا آهن، کجور جي وڻن کي پڻ نقصان پهتو آهي. وزيراعظم چيو ته صو??ا، وفاق ۽ لاڳاپيل ادارا متاثرين جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، هٿياربند فوج ۽ ٻين ادارن جون ريسڪيو ۽ ريليف ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ٻوڏ جي اها صو??تحال موسمياتي تبديلي جي اثرن جو نتيجو آهي، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ ۽ ريسڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ بحالي جو ڪم به شروع ٿي ويو آهي، بلوچستان ۾ رستا ۽ پليون ٻيهر تعمير ڪيون پيون وڃن، مواصلات ذريعن کي بحال ڪيو پيو وڃي، ڪوئيٽا جي لاءِ گئس پائيپ لائين جي مرمت ڪئي پئي وڃي، ٺوس ڪوششن سان ئي ٻوڏ جهڙي وڏي آفت سان پيد اٿيندڙ صو??تحال کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، چئلينج وڏو آهي تنهن هوندي به مشڪل وقت اسان کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي، بطور قوم متحد ٿي ان چئلينج جو مقابلو ڪرڻو پوندو، گڏجي ڪوششون ڪرڻ سان اسان موجوده صو??تحال مان نڪري اينداسين.