اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي ??ارا تربيتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گور??رز جي اجلاس جي صدارت ??ندي ڪيو. صدر اين ايس پي پي جي بورڊ آف گور??رز جو چيئرمين به آهي. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي ??زي?? احسن اقبال، اين ايس پي پي جي بورڊ آف گور??رز جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عوام کي خدمتن جي بهتر فراهمي جي لاءِ سرڪاري ملازمن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ بهترين عالمي طريقن موجب تربيت ڏيڻي پوندي، سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته تربيت ۾ مصنوعي ذهانت، آن لائين ۽ هائبرڊ طريقن کي استعمال ڪيو وڃي، سرڪاري ملازمن مهارتن ۾ اضافي، وقت سر ۽ صحيح فيصلاسازي جي لاءِ تعليمي ماڊيولز کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. صدر خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي جي تربتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي ??زي?? احسن اقبال اين ايس پي پي جي بورڊ آف گور??رز جي وائيس چيئرمين به آهي، هن چيو ته بيوروڪريسي پاران مجموعي طور تي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڏورانهن علائقن ۾ مقرر آفيسرن کي مختصر ۽ ڊگهي مدي ??اري معياري تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي تي ٻڌل پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. منصوبابندي ??اري وفاقي ??زي?? پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي طرز تي اين ايس پي پي کي ڊگري جاري ڪرڻ واري اداري ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي. بورڊ آف گور??رز اجلاس ۾ پيش ڪيل ايجنڊا آئٽمز تي پڻ فيصلا ڪيا. اين ايس پي پي ۾ گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس، گريڊ 19 جي آفيسرن جي لاءِ سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ گريڊ 20 جي آفيسرن جي لاءِ نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس منعقد ڪرائي ٿي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي اين ايس پي پي جو پبلڪ پاليسي بابت ريسرچ انسٽيٽيوٽ آهي، ان جو مقصد پاڪستان جي گهڻ رخي ۽ سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ حڪومت جي وسيع ۽ اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاليسي ريسرچ ۽ مڪالمي جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي.