شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان??ونيو گوتريس سان مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪوپ – 27 سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران يڪجهتي جي اظهار ۽ پاڪ??تا?? جي لاءِ وڏي پئماني تي تعاون جي اپيل کي ساراهيندي ان ڳالهه کي ورج??يو ته پاڪ??تا?? ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي جي ڪري درپيش چئلينج جو واضح اظهار آهي. وزيراعظم موسمياتي ان??اف ?? ماحولياتي يڪجهتي جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوسٽ ڊيزاسٽر نيڊز اسسمنٽ موجب ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 32 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو پاڪ??تا?? جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو اٽڪل 10 سيڪڙو بڻجي ٿو، پاڪ??تا?? کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي تمام وڏي ڪم جي لاءِ پائيدار ترقي جي ماڊل جي بنياد تي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ خاطرخواهه عالمي تعاون جي ضرورت پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ??تا?? سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد جي منظوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪ??تا?? سمورن ترقياتي حصيدارن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ”ڊونرز ڪانفرنس“ گهرائڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم گڏيل قومن پاران پاڪ??تا?? کي تجويز ڪيل ڪانفرنس ۾ هڪ ٺوس بحالي ۽ نئين سر تعمير جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ انٽر ايجنسي ٽيم جي جوڙجڪ کي پڻ ساراهيو جنهن جي قيادت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڪندو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي ڪانفرنس عالمي برادري جي لاءِ هڪ وقت سر موقعو آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ?? ماحولياتي ان??اف کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ برابر ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل قدم کڻي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪوپ – 27 جي اجلاس ۾ پاڪ??تا?? ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ هڪ اهم ”ڊيليوريبل“ هوندو. پاڪ??تا?? جي گروپ جي – 77 ۽ چين جي سربراهه هجڻ جي حيثيت سان ڪوپ – 27 اتفاق راءِ سان ”لاس اينڊ ڊميج فنانس“ تي هڪ ايجنڊا ائٽم کي شامل ڪرڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ ”پاڪ??تا?? پويلين“ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ٿي.