ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جو اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي جي دوري جي پهرين ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. يو اي اي جي صدر وزيراعظم جي ابوظهبي آجيان ڪندي پا??ستان جي ترق?? ۽ ??وشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پا??ستاني ڪميونٽي جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪ جي دوري جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پا??ستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪار?? ۽ ??وانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائ?? ۽ ??المي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، حصيداري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي جي رفتار تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. جڏهن ته لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي صدر 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جي اضافي قرض جي فراهمي تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف يو اي اي جي صدر کي پا??ستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي هن رضامندي جو اظهار ڪيو جنهن جي لاءِ تاريخ جو تعين سفارتي ذريعن جي ذريعي ڪيو ويندو.