اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شام جي سفارتخاني وڃي پاڪستان ۾ شام جي سفير سان پاڪستان پاران شام ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شام ۾ زلزلي سا?? ٿيندڙ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شامي سفارتخاني ۾ مهمانن ج?? ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان ج?? حڪومت ۽ ع??ام شامي حڪومت ۽ ع??ام سان گڏ آهن.