اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي بئنڪن کي فراڊ متاثرين کي 5 لک 64 هزار رپين کان وڌيڪ جي رقم واپس ڪرڻ جي ??دايت ڪري ڇڏي. متاثرين کان فنڊ جي آن لائين منتقلي ۽ اي ٽي ايم فراڊ جي ذريعي رقم ڦري وئي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ??ن فيصلن جي خلاف الائيڊ بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ ۽ هڪ شهري جي اپيل اڪلائي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ محمد سليم ظفر، هدايت الله ۽ غلام محمد جا ترتيبوار لاهور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ، يونائيٽيڊ بئنڪ ?? ضلعي ڪڙڪ ۽ پشاور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ ۾ جدا جدا اڪائونٽ هئا. سليم ظفر کي الائيڊ بئنڪ جي ??يلپ لائين سان م??ند?? ج??ند?? هڪ نمبر تان ڪال آئي ۽ ڪال ڪندڙ پنهنجو تعارف بئنڪ جي ??مائندي طور ڪرايو. سليم ظفر ڪال ڪندڙن سان پنهنجي بئنڪنگ جي ??علومات شيئر ڪئي جنهن کانپوءِ ان جي اڪائونٽ مان ڪل 3 لک 48 هزار 500 رپيا ڪڍيا ويا، اهڙي طرح هدايت الله جا يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ جي ڊيجيٽل ايپ جو استعمال ڪندي ڪنهن نامعلوم ماڻهو هڪ لک 70 هزار 969 رپيا ڪڍي ورتا. جڏهن ته ان نه ته اليڪٽرڪ فنڊز ٽرانسفر (اي ايف ٽي) سهولت جي ??اءِ درخواست ڏني هئي ۽ نه ئي ان جو استعمال ڪيو هو. اهڙي طرح غلام محمد جو ڪارڊ اي ٽي ايم مشين ۾ ڦاسي ويو هو ۽ بعد ۾ ان کي خبر پئي ته ڪجهه جعلسازن دوکي ذريعي ان جو ڪارڊ استعمال ڪندي ان جي اڪائونٽ مان غيرمجاز طريقي سان 45 هزار رپين جي رقم ڪڍي ورتي. شڪايت ڪندڙن ريليف جي ??اءِ بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ڪو نتيجو نه نڪتو. ان کانپوءِ هنن جدا جدا بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن سليم ظفر ۽ هدايت الله جي ڪيسن ۾ انهن جي ??ڃايل رقم واپس ڪرڻ جڏهن ته غلام محمد جو ڪيس شڪايت بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بعد ۾ بئنڪنگ محتسب جي ??يصلن جي خلاف صدر کي اپيلون ڪيون ويون، جن بئنڪن کي هدايت ڪئي ته بئنڪ فراڊ جي ??نهي متاثرين کي فراڊ ڪيل رقم ادا ڪئي وڃي. صدر سليم ظفر ۽ هدايت الله کي معلومات ۾ پنهنجي ??يصلن ۾ قرار ڏنو ته لاڳاپيل بئنڪون صارفين جي رضامندي ۽ ڄاڻ کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر جي سهولت کولي، ڄاڻ ۽ رضامندي کانسواءِ فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ اسٽيٽ بئنڪ جي ??اعدن جي خلاف ورزي آهي. شڪايت ڪندڙن اهڙي سهولت کولڻ جي ڪا درخواست ناهي ڪئي. صدر پنهنجي ??يصلي ۾ چيو ته بئنڪ فنڊن جي ??نظوري جي شرطن کي واضح انداز ۾ ٻڌائڻ بابت ڪو ثبوت پيش نه ٿا ڪري سگهن. بئنڪنگ پاران بدانتظامي ثابت ٿي ??هي?? انهي لاءِ متاثرين کي فراڊ جي رقم واپس ڪئي وڃي. صدر چيو ته غلام محمد جي ڪيس ۾ ثابت ٿيو ته جعلسازن دوکيبازي جي ذريعي صارف جو ڪارڊ حاصل ڪيو، صارفين جي ??فادن جو تحفظ بئنڪ جي بنيادي ذميواري آهي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪيس کي بند ڪرڻ جي ??يصلي کي رد ڪندي اي بي ايل کي هدايت ڪئي ته بئنڪ غلام محمد کي ان جي ??ڃايل 45 هزار رپين جي رقم واپس ڪري.