اسلام آباد- 08 جون (اي پ?? پي) ملڪ ۾ جاري مالي سال جي پ??رين 11 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو رهي. جاري ڪيل قومي اقتصادي سروي موجب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏن سبب رسد ۾ رنڊڪ، عالمي سطح تي کاڌي پ??تي جي شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو، بجلي ۽ تيل جي ٽيرف ۾ سڌا??ن سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. ايران ۾ مهانگائي جي شرح فيبروري 2023ع ۾ 53.4 سيڪڙو، ترڪيه ۾ اپريل دوران مهانگائي 43.7 سيڪڙو، مصر ۾ مارچ دوران 32.7 سيڪڙو ۽ ارجنٽائن ۾ مارچ ۾ مهانگائي جي شرح 104 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي موجب کاڌي پ??تي جي شين/ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ حڪومت انتظامي سطح تي قدم کڻي رهي آهي، انتظامي قدمن سان گڏ??گڏ حڪومت پاليسي سڌارن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي.