اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچس??ان جي ضلعي شيراني ۽ ڪيچ ۾ ميجر ثاقب حسين سميت 6 سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان واقعي تي سڄي قوم ڏکويل آهي، شهيدن جو مقدس رت قوم تي قرض آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قوم جي بهادر فرزندن جي قرباني سان ئي پاڪس??ان جو امن ۽ سلامتي ممڪن آهي، اسان جي فوج جا بهادر جوان اندروني ۽ ٻاهرئين دشمنن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻيل آهن، اهڙيون سڀئي ڪوششون جيڪي بلوچس??ان جي امن کي نقصان پهچائڻ چاهيون ٿيون، ان جي حوالي سان اسان جو قومي عزم مضبوط آهي. هن چيو ته بلوچس??ان جو امن ۽ ان جي ترقي ?? خو??حا??ي اسان جي لاءِ سڀ کان مٿانهون آهي.