اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ??لاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ت?? تفصيلي مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. ملاقات ۾ خالد مقبول صديقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ سنڌ خاص طور تي شهري علائقن جي لاءِ ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هن ڪراچي ۾ پاڻي جي پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ سالن کان تعطل جو شڪار ڪي – فور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تي و??يراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. خالد مقبول صديقي ??لڪي سامونڊي علائقن ۾ بپرجوائي طوفان جي امڪاني اثرن ??ي ڏس ۾ رياست جي سمورن وسيلن کي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.