اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان (اڄ) سوئٽزرلينڊ جو پرڏيهي وزير اگنازئيو ڪاسيس ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مطابق وزيراعظم ۽ سوئس پرڏيهي وزير جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ ??چ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت ت?? صحيون ڪيون وينديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاڪستان ۾ ڊيزاسٽر منيجمنٽ کي بين الاقوامي معيا?? جهڙو بڻائڻ جي ويزن تحت پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ ??چ ۾ مفاهمتي يادداشت ت?? صحيون هڪ اهم قدم آهي. مفاهمتي يادداشت ت?? صحين کانپوءِ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ ??چ ۾ قدرتي آفتن جي امڪاني نقصانن جي اڳڪٿي، فوري امدادي ڪاروائين ۽ بحالي جي قدمن ۾ سهڪار کي هٿي ملندي.