اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??وڪ??ين واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ??وڪ??يني هم منصب ديمترو ڪوليبا سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ??وڪ??ين سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي ??زي?? ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ??وڪ??ين ۽ روس جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل جي اميد ظاهر ڪندي چيو ته روس ۽ ??وڪ??ين جي وچ ۾ جاري جنگ ۾ انساني جانين جي زيان تي افسوس آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هڪ غيرمستحڪم خطي ۾ هڪ ملڪ طور اسان سمجهون ٿا ته پراڻا علائقائي تڪرار اسان جي گڏيل سلامتي کي ڪهڙي طرح خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، ??وڪ??ين جي تڪرار اسرندڙ ملڪن ۽ گلوبل سائوٿ جي لاءِ خاص طور تي ٻارڻ، خوراڪ ۽ ڀاڻ جي حوالي سان مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن ۽ پاڪستان به ان کان مستثنيٰ نه آهي. هن چيو ته ??وڪ??ين جي پرڏيهي ??زي?? سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهميت وارن علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پاڪستان جا ??وڪ??ين سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ??وڪ??ين جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ ان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، زرعي ۽ دفاعي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ گهرا رابطا شامل آهن، اسان گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي تعمير پاڪستان جي لاءِ ترجيحي شعبو آهي. هن چيو ته اسان گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش رکون ٿا جيڪي اسان جي قومن جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ مددگار ٿين. پرڏيهي ??زي?? چيو ته اڄ جي ملاقات ۾ اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ باقاعده ڳالهه ٻولهه ۽ انگيجمنٽ جي اهميت تي اتفاق ڪيو، اسان مقرر وقت ۾ مختلف اداراجاتي مڪينزم جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، اسان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڳالهه ٻولهه ۾ ??وڪ??ين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مون ??وڪ??ين جي پرڏيهي ??زي?? سان موجوده صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ قيمتي جانين جي زيان ۽ بي پناهه انساني مصيبتن تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پنهنجي معاشي چئلينجز جي باوجود ??وڪ??ين جي ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسان انساني امداد موڪلي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڊگهو تڪرار شهري آبادي جي لاءِ تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو سبب بڻجي ٿو، اسان کي اميد آهي ته امن قائم ٿيندو ته جيئن ??وڪ??ين ۽ روس جا ماڻهو امن جا ثمر حاصل ڪري سگهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون ملاقات ۾ تڪرارن جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڳالهين ذريعي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو ۽ امن قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي آمادگي جو اظهار ڪيو جيڪي خطي ۾ امن آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جي پرامن حل جي اميد ڪريون ٿا. پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري 12 جولاءِ تي جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ امتيازي سلوڪ، تشدد جي لاءِ اتساهيندڙ مذهبي نفرتن جي خلاف قرارداد جي حمايت تي ??وڪ??ين جي حڪومت جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي يقين ظاهر ڪندي چيو ته اسان پاڪستان ۽ ??وڪ??ين جي عوام جي وچ ۾ تعاون ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ??وڪ??ين سان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ??وڪ??ين سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي ??وڪ??ين جي پرڏيهي ??زي?? ديمترو ڪوليبا چيو ته پاڪستان ۽ ??وڪ??ين جي وچ ۾ 30 سالن کان لاڳاپا قائم آهن، اسان واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ??وڪ??يني شين جي پهچ کي آسان بڻايو وڃي، اسان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان سان واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستاني شاگردن کي تعليمي سهولتن کانسواءِ پاڪستان کي ڊيجيٽلائيزيشن آف اسٽيٽ سروسز ۾ معاونت ڪري سگهون ٿا. ??وڪ??ين جي پرڏيهي ??زي?? چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ دنيا ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زي?? حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پڻ موجود هئا.