اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين محمد صاد?? سنجراڻي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان م??جب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين صاد?? سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صاد?? سنجراڻي وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ?? ا?? جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم سينيٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيا. سينيٽ چيئرمين اميد جو اظهار ڪيو ته نگران حڪومت عوامي امنگن م??جب نه رڳو اليڪشن ڪميشن جي صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪندي پر ملڪي معاشي ترقي جي سفر کي وڌيڪ تيز ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪندي ته ان مختصر عرصي ۾ عوامي نمائندن جي اعتماد تي پورو لهي. ان موقعي تي سينيٽر دنيش ڪمار پڻ موجود هو.