اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده دور ٽيڪنالاجي جو آهي، اسان ??ي رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون، اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سياسي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، منهنجي گذارش آهي ته رياستي ميڊيا ۾ سڌارن جو پروگرام بحث هيٺ آندو وڃي. اها ڳالهه سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ 19 آڪٽوبر 2023ع تي ڪميٽي جي منعقد اجلاس ۾ 53 ڊيلي ويجز ملازمن جي ڀرتين جي حوالي سان ڏنل سفارشن، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ 9 آگسٽ 2023ع کان ??يستائين ڪيل ڀرتين، ڊي جي پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن کان ??يڊيو پاڪستان ۾ نئين سڌارن ۽ بهتري جي حوالي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه تي عملدرآمد کانسواءِ پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن جي ڪردار، ڪارڪردگي ۽ فنڪشنز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چ??و ته نگران ??ڪومت ڪا مستقل مقرري نه ٿي ڪري سگهي، نگران ??ڪومت اهو به نه ٿي ڪري سگهي ته ڪو ادارو بند ٿي وڃي. هن چ??و ته اسٽاف جي کوٽ ختم ڪرڻ يا ضروري پروگرام هلائڻ جي لاءِ وقت وقت ڪجهه ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پون ٿيون، ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي جي لاءِ اشتهار جو پراسيس ڊگهو هوندو، اهڙي طرح ادارا ڪم نه ڪري سگهندا. هن چ??و ته جيڪڏهن ڪميٽي تجويز ڪري ٿي ته ڊيلي ويجز جي لاءِ اشتهار جي شرط لازمي آهي ته ڪميٽي جي راءِ ۽ فيصلي تي عمل ڪنداسين. اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي جي لاءِ اشتهار ڏيڻ يا ڪنهن قسم جي ڀرتي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت واضح هدايت ڏي، اسان ??مل ڪنداسين. اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏهاڙي اجرت تي ملازمن جي ڀرتي جي حوالي سان ??زارت جي جنهن اداري ۾ جاچ ڪرائڻ چاهي ٿي، ان ??ابت واضح هدايت جاري ڪري. مرتضيٰ سولنگي چ??و ته ڪميٽي جي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان ??ن مون تي اعتماد جو اظهار ڪيو، مون ??ي ڪميٽي جي رهنمائي جي ضرورت آهي. هن چ??و ته اڄ اسان ??ي ڪنهن واضح هدايت سان ??تان ??ٿڻ گهرجي. هن چ??و ته پي ٽي وي سميت سمورن رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چ??و ته اسان چونڊ طرف وڃي رهيا آهيون، اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، منهنجي سڀني کي گذارش آهي ته توهان ??ياستي ميڊيا جي سڌارن جو پروگرام بحث هيٺ آڻيو. هن چ??و ته هن وقت ريڊيو پاڪستان ??ي مجموعي بجيٽ جو 76 سيڪڙو حصو پگهارن ۽ پينشنز ۾ ادا ٿي رهيو آهي، ڪيترن ئي ملازمن جون ڪميوٽيشن، جي پي فنڊ جون ادائيگيون رڪيل آهن. هن چ??و ته هن وقت پاڪستان ??ي سرڪاري ميڊيا ۾ سڀ کان ??راڻو ادارو ريڊيو پاڪستان ??هي جيڪو پاڪستان ??ائم ٿيڻ کان ??ڳ جو آهي. هن چ??و ته ريڊيو پاڪستان ۾ پينشنرز جو انگ موجوده ملازمن کان ??ڌيڪ آهي، 4182 پينشنرز ۽ 1996 ملازم آهن، انهن ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات واري وزارت جي سمورن کاتن خاص طور تي پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ 9 آگسٽ 2023ع کان ??ٺي هيستائين ڪئي ويندڙ نئين ڀرتين جو معاملو پڻ غور هيٺ آيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ان ??والي سان ??سٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چ??و ته اطلاعات واري وزارت تحت براڊ ڪاسٽنگ ادارن ۾ اليڪشن سيل ٺاهيا ويا آهن، ان ??اءِ ڪجهه ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌا??و ته جن ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، اهي براڊ ڪاسٽنگ جو وسيع تجربو رکن ٿا. هن چ??و ته نگران ??ور ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته ڪنهن پروگرام ۾ اينڪر جو ڪنهن خاص پارٽي طرف جهڪاءُ نه هجي. هن چ??و ته پروگرام جي اسٽرڪچر ۾ پڻ انهن شين جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو. ريڊيو پاڪستان ??ي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي کي ٻڌا??و ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي هدايت تي ڊپٽي ڪنٽرولر جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي ۽ ان ??ي رپورٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي کي فراهم ڪئي وئي آهي. اسٽاف جي ضرورت هئي ضرورت جي بنياد تي 53 ماڻهن کي عارضي طور تي رکيو ويو هو. ڊي جي ريڊيو ٻڌا??و ته رٽائرڊ ملازمن جي جڳهه تي نيون ڀرتي نه ڪيون ويون، اسٽاف جي تمام گهڻي کوٽ آهي، سوشل ميڊيا جي لاءِ ضرورت تحت ڀرتي ڪئي وئي. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي ڪميٽي کي اداري جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني جنهن تي ڪميٽي پنهنجي اطمينان ??و اظهار ڪيو. اي ڊي پاڪستان ??راڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن ڪميٽي کي پي بي اي جي ڪارڪردگي ۽ فنڪشنز بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. پيمرا ۾ شڪايتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس بابت اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چ??و ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽس جي حوالي سان ??مورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ڪابينا کان ??نظوري وٺڻ باقي آهي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر مولا بخش چانڊيو، سينيٽر عرفان ??ديقي، سينيٽر محمد طاهر بزنجو، سينيٽر نسيمه احسان کانسواءِ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين، ڊي جي ريڊيو، ايم ڊي پي ٽي وي، ايم ڊي اي پي پي، اي ڊي پي بي اي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.