راولپنڊي-29 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري نگران وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي جي ص??ارت هيٺ آزاد ڄمون ڪشمير تي بين الوزارتي ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوار الحق، آبي وسيلن وارو وزير احمد عرفان اسلم ۽ ل??ڳا??يل وفاقي وزارتن جا آفيسر به گڏجاڻي ۾ شامل هئا. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت ۽ ل??ڳا??يل وزارتن/ڊويزنن جي مشاورت سان آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت بابت معاملا بحث هيٺ آيا. سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ آزاد ڪشمير جي وزير، آزاد ڪشمير جي توانائ?? ۽ ??بي وسيلن واري وزير ۽ قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير، آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي.