اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس رهائشگاهه تي ويو جتي هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظ?? مرحوم رياض کوکر جي درجن جي بلندي لاءِ دع?? ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رياض کوکر جي خ??مت?? کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو پرڏيهي وزارت جو باصلاحيت آفيسر هو، هن عالمي سطح تي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ موقف کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪيو، پاڪستان حڪومت جي لاءِ سن??س خ??مت?? کي سدائين ياد رکيو ويندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هو.