اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان دوستاڻا لاڳاپا برقرار رکڻ وا??ي پاليسي تي ڪاربند آهي. هن اها ڳالهه برطانيا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار سر مارڪ لائل گرانٽ سان ڳالهائيندي چئ?? جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ويراعظم نواز شريف چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڪي?? واعد?? موجب ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن تحت حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ا??ساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.