اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) ص??ر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ آمريڪا تعاون اهم آهي، دهشتگردي ڪنهن ب?? شڪل ۾ هجي پاڪستان سدائين مذمت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا لاءِ نامزد پاڪستاني سفير اعزاز احمد چوڌري سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر آمريڪا ۾ سفير جي ح??ثيت سان مقرري تي اعزاز احمد چوڌري کي مبارڪباد ڏني. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس دور ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.