ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آه??، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي ممڪن هوندي، سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڌي سنئين سي??پڪ??ري ۾ اضافي جي حڪمت عملي تي عمل پيرا آه??، اسان ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو ۽ ڪرنٽ ??ڪائونٽ ??ساري ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، غير ملڪي سي??پڪ??رن کي پرڪشش مراعتون ڏنيون پيون وڃن، پاڪستان جي سرزمين ڪيترين ئي قديم تهذيبن جو ڳڙهه آهي، سياحت کي فروغ ڏئي ملڪي معيشت کي ترقي ڏ??ي سگهجي ٿي، پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان اسٽريٽجي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو.