اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مالي سال 21 – 2020ع جي لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ مشڪل حالتن جي ??اوجود ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، قرض ??ٺڻ جو ڪو شوق نه آهي، ماضي جي ??ڪومتن جي قرضن ۽ وياج جي ??دائگي لاءِ نوان قرض ??رتا پيا وڃن، نئين مالي سال ۾ 1600 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو، ڪاروباري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، نئين مالي سال ۾ 200 ٽيرف لائينز تي ڊيوٽي کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، 166 ٽيرف لائينز تي ريگيوليٽري ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي، امپورٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، سيمنٽ تي ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 25 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جي ??جويز ڏني وئي آهي، تعميرات جي ??عبي لاءِ ٽيڪسن کي اڌ ڪيو ويو آهي، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي ??رح بدستور 30 رپيا في ليٽر آهي ان ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا آهن. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نوشين جاويد امجد، ناڻي واري سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ ايف بي آر جي لينڊ روينيو ميمبر ڊاڪٽر حامد عتيق سرور سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته موجوده حڪومت کي شروعات ۾ ئي ماضي جي ??ڪومتن پاران ورتل 30 هزار ارب رپين جي قرضن کي منهن ڏيڻو پيو هو، موجوده حڪومت پهرين سال ۾ 5 هزار ارب رپين جو ٻاهريون قرض ادا ڪيو، جاري مالي سال ۾ 2700 ارب رپين جي ٻاهرئين قرضن جي ??دائگي ڪئي وئي، حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي انهن معاملن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان جو ڪل ريسورس بجيٽ 2000 هزار ارب رپيا هجي ۽ اسان قرضن ۽ وياج جي ??دائگي ۾ 2700 ارب واپس ڪري رهيا آهيون ته ان جو ??طل?? آهي ته اها حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي.