اسلام آبا?? – 13 مارچ (اي پي پي) نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل طورخم، تفتان، چمن ۽ سوست سميت سرحدي علائقن کي 15 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن ته عالمي اڏامون صرف اسلام آباد، ڪراچي ?? لاهور ايئرپورٽس تي اچي سگهنديون ۽ ايئرپورٽس تي حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، پاڪستان جي ??رڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ?? ڪرونا وائرس جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، وزيراعظم عوام کي عالمي چئلينج کي نظر ۾ رکندي حفاظتي قدم اختيار ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.