اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽ?? مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چ??ئر??ين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي ??ان اسپتالن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته مستقبل ۾ به صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورن ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. اه??ن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ فاطمه جناح چيسٽ اينڊ جنرل اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ڪوئيٽا جي دوري کانپوءِ صحافين ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن ??ان ڪورونا جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز، طبي عملو ۽ لاڳاپيل ادارن جا اهلڪار ڪورونا ۾ فرنٽ لائين سولجر جو ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪري رهيا آهن جن تي ا??ان سڀني کي فخر آهي.