مظفر آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) ??زا?? ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان جي ميزباني ۾ ??زا?? ڪشمير جي سمورين پارلياماني پارٽين جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ??زا?? ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف خصوصي شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاران والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ??ئي وئي. ان موقعي تي ??زا?? ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته 35 اي جو خاتمو ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون عالمي قانونن جي خلاف ورزي ??هي، هڪ سال ٿي ويو آهي والاريل ڪشمير مڪمل فوجي گهيراءُ ۾ آهي عو??م قيدين وانگر زندگي گذاري رهي آهي، پاڪستان حڪومت ??ارتي قدمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي سفارتي مهم هلائي، پاڪستان ۾ هڪ قومي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، ??زا?? ڪشمير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سڄي دنيا ۾ هڪ ٿي ڀارت جي خلاف پرامن سياسي تحريڪ هلائيندا، مودي جي انتهاپسنداڻي سوچ ڀارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي چيو ته ڪشمير جي معاملي تي ??زا?? ڪشمير جي سمورين سياسي پارٽين سمورن ادارن ۾ ڪشمير جي معاملي تي مڪمل هم آهنگي آهي، پاڪستان جي عو??م ۽ حڪومت ??شميرين جي جدوجهد جي ??زا??ي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي پرڏيهي وزارت ۾ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو خصوصي اجلاس ٿيندو. رياستي پارٽين جو پاڪستاني قوم ۽ حڪومت پاران 5 آگسٽ کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي رياستي قيادت پاران ٿورا مڃيا ويا. پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي ڪشميري قيادت کي ڪشمير پاليسي ۽ عالمي سطح تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.