ا??لا?? آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ ??ڳائڻ آهي، اها اسان سڀني جي گڏيل ذميوار?? آهي ته اسان وڻڪاري ذريعي ملڪ کي سرسبز ۽ صاف بڻايون، ڪورونا وائرس جي وبا اڃا ختم ناهي ٿي، ان لاءِ عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. ڪورنگ پارڪ ۾ ٽائيگر فورس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ رضاڪارن جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ملڪ امين اسلم پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجا ٻيلا ڪاٽي ملڪ جو نقصان ڪيو آهي، جيڪڏهن گرمي وڌندي رهي، گليشيئر پگهرندا رهيا ته دريائن ۾ پاڻي گهٽ ايندو ان سان اسان جون زمينون ريگستان بڻجي وينديون، ان سان بک ۽ بدحالي پکڙجندي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ايندڙ نسلن، پنهنجي ٻارن جي لاءِ اسان سڀني جي ذميوار?? آهي ته پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪريون. هن چيو ته هي اسان جيڪي اڄ 35 لک وڻ ??ڳايا آهن اها هڪ شروعات آهي، هي مسلسل جدوجهد ۽ جهاد آهي، اسان اهو پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جڏهن قومون منظم ٿي فيصلا ڪن ٿيون ته الله جي زمين تي نقصان بدران بهتري اچي ٿي. هن چيو ته سڀ کان بهترين صدقه جاريه زمين تي وڻ ??ڳائڻ آهي. هن چيو ته اڄ سڄي ٽائيگر فورس، نوجوان ۽ انتظاميا جيڪي هتي شريڪ ٿيا انهن جا ملڪ پاران ٿورا مڃان ٿو، اسان کي ملڪ کي سرسبز ڪرڻو آهي ان ۾ وڻ ??ڳائڻا آهن. وزيراعظم چيو ته قوم جي اتفاق راءِ سان فيصلن جا سدائين مثبت نتيجا نڪتا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ ملڪ جي ڪاميابي ان جو مثال آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي به ملڪ کي متاثر ڪري ره?? آهي، ان جي وڏي نشاني هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 15 لک ٽن گهٽتائ?? آهي، ڇو ته برساتن ڪڻڪ جي فصل کي بري طرح متاثر ڪيو.