پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صوبن طرفان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو ق??ائ??ي ضلعن لاءِ مختص ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر هاڻي بدقسمتي سان ان واعدي تان ڦري ويا آهن جيڪا ق??ائ??ي ضلعن سان زيادتي آهي. ضلعي مهمند ۾ ناحقئي سرنگ ۽ شيخ زيد روڊ جي افتتاح جي موقعي تي ضلعي جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اس??ن جي حڪومت جو نظريو مديني جي رياست آهي، جيتوڻيڪ يتمن، غريبن، بيواهن ۽ ڪمزورن جي بهتري مديني جي رياست جي طرز جي رياست جي اولين ذميداري هوندي آهي تنهن ڪري ان ذميداري جي تڪميل لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اس??ن جي سمورين پاليسين جو محور ڪمزور طبقن جي بحالي آهي تنهن هوندي به ان سان ??ڏو??ڏ اس??ن جي نظريي جو هڪ نڪتو اهو به آهي ته خوشحالي جي سفر ۾ سمورن علائقن کي هڪجهڙي ت??قي ڏيڻ گهرجي.