اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي وقت سر سڃاڻپ نه هئڻ جي ??ري پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 40 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، وقت سر سڃاڻپ، علاج ۽ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آ??اهي پيدا ??ري موت جي شرح کي گهٽ ??ري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بريسٽ ڪينسر جي آگاهي مهم جي سلسلي ۾ پاڪستان ايئر فورس اسپتال ۾ ٿيندڙ بريسٽ ڪينسر آرگنائيز تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته بريسٽ ڪينسر عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿيڻ واري ڪينسر آهي، وقت سر سڃاڻپ نه هجڻ س??ب پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 40 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، بيگمه ثمينه عارف علوي چيو ته ماڻهن ۾ بريسٽ ڪينسر جي باري ۾ آ??اهي پيدا ??ري موت جي شرح کي گهٽ ??ري سگهجي ٿو، اهڙين تقريبن جو مقصد عورتن ۾ ??ن مرض جي علامت جي باري ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي، هن چيو ته ميڊيا ??ن مرض جي باري ۾ آ??اهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري رهيو آهي.