اسل??م آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باه?? جي متاثرين ۾ امداد?? چيڪس ورهايا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري پڌرائي موجب 18 اپريل 2022ع سومر جي رات دادو ضلعي جي ڳوٺ ۾ تيز هوائن جي ڪري پيش آيل افسوسناڪ باه?? جي واقعي ۾ 8 ماڻهو فوت، 3 زخمي جڏهن ته 75 خاندان متاثر ٿيا هئا. باه?? جي متاثرين جي امداد لاءِ وزيراعظم پاران فوت ٿيندڙن جي پونيئرن سان ??ڏوگڏ زخمين ۽ ٻين متاثر خاندانن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان ??يو ويو هو. واضح رهي ته ڄاڻايل چيڪس اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا دادو جي معاونت سان متاثر خاندانن ۾ ورهايا آهن.