اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو آه??. عيد تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ ۾ بابرڪت سعادتن ۽ رحمتن کانپوءِ الله تعاليٰ عيد جو انعام عطا ف??ما??و آه??، جيڪو رب ڪريم جي بي پناهه عنايتن جو اظهار آه??. هن چيو ته صبر، ايثار ۽ قرباني جي ان مقدس مهيني اسان کي ٻين جي تڪليفن جو جيڪو احساس عطا ڪيو آه??، ان جي گهرج آه?? ته عيدالفطر جون خوشيون ملهائيندي اسان پنهنجي ڀ??پاسي سمورن لاچار ۽ ضرورتمند ماڻهن ۽ خاندانن جو خاص خيال رکون اهو هن ڏينهن جي حقيقي روح ۽ نبي رحمت خام النبين ﷺ جو پيغام آه??. وزيراعظم چيو ته حڪومت قوم کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پرعزم آه?? ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آه??. عيدالفطر جا ٽي ڏينهن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آه?? ته جيئن اهل وطن عيد جون خوشيون ڀرپور انداز ۾ ملهائي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عيدالفطر جي خوشين ۽ اڳ کان مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جي تڪل??ف کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو، منهنجو پنهنجي قوم سان واعدو آه?? ته اسان جو هر ڏينهن، هر پل ۽ هر صلاحيت توهان جي زندگين ۾ آساني آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي، هر ايندڙ ڏينهن سان گڏ توهان محسوس ڪندا ته ت??هان جي حڪومت جي محنت جي نتيجي ۾ توهان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آه??. وزيراعظم چيو ته اڄ جي خوشين جي هن ڏينهن اسان پنهنجي فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي محڪوم مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ياد ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ انهن کي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ آزادي جي نعمت سان سرفراز فرمائي. هن چيو ته اسان پنهنجي افغان عوام جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آه??ون.