اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي، توهين آميز جملن جي معاملي تي ڀ??رتي سفارتڪار کي گهرائي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ڀارت ڪنهن ٻي کي نه پ?? پنهنجو پاڻ کي ئي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ڀارت کي ڪشمير ۾ ظلم بند ڪري اتي فوري گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي راءِ شماري ڪرائڻ گهرجي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏئي رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چ??و ته ڀارتي بي جي پي جي ٻن عملدارن پاران توهين آميز جملن جي ڀ??پور مذمت ڪريون ٿا، هن چ??و ته پ??ڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود مختلف سفارتڪارن کي ڀ??رت ۾ توهين آميز جملن، هندو توا جي فروغ ۽ اقليتن تي ڀ??رتي ظلم کان آگاهه ڪيو، جيڪڏهن ڀارت ۾ ٿوري به اخلاقي جرئت آهي ته هو فوري طور تي ان بي جي پي عملدارن جي بيانن جي مذمت ڪري، ڀارت انهن عملدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، هن چ??و ته پ??ڪستان مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي فروغ ڏئي رهيو آهي، پاڪستان 600 کان وڌيڪ سک ياترين کي مقدس ماڳن جي ياترا لاءِ ويزا جاري ڪئي، هن ٻڌا??و ته جرمن پرڏي??ي وزير انا لينائبير بوڪ پاڪستان جو دورو ڪيو، بدقسمتي سان ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪري جرمن پرڏي??ي وزير کي دورو مختصر ڪرڻو پيو، هن ٻڌا??و ته ايراني سفير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم بلوچستان ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ ايران جي مدد تي ٿورو ادا ڪيو، هن چ??و ته گذريل ڏينهن پرڏي??ي وزارت ۽ آذربائيجان جي سفارتخاني پاران گڏيل تقريب جو انعقاد ڪيو ويو.