اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي وفاقي حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم ايز) جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم کي موثر انداز سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، صلاحڪار، پارليامينٽ ميمبرن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، سينيئر حڪومتي ميمبرن، اين ڊي ايم اي چيئرمي ۽ ڊي جي موسميات کاتي شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم جي هدايت تي وفاقي حڪومت برسات ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته وزيرا??ظم ناڻي واري وزارت کي فوري طور تي 5 ارب رپيا اين ڊي ايم اي کي جاري ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي هڪ قومي فرض آهي، اسان کي پنهنجي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي عوام جي مدد ڪرڻي آهي. هن چيو ته اسان سياست بعد ۾ ڪنداسين، هينئر انهن ماڻهن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪ??ڻ جو وقت آهي جيڪي سخت مشڪل ۾ آهن، ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دورن دوران مون اتحاد ۽ قومي ٻڌي جي ڳالهه ڪئي ته جيئن اسان سڀ گڏجي ان تمام وڏي چئلينج کي منهن ڏئي سگهون. وزيرا??ظم اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم کي موثر انداز سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. اها ڪميٽي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد ??باسي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزيرا??ظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ مواصلات واري وزارت جي سيڪريٽري تي ٻڌل هوندي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي فوري طور تي پنهنجو اجلاس منعقد ڪري ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪوآرڊينيشن کي بهتر ڪ??ڻ جي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪري. هن چيو ته ملڪ ۾ موسم??ات?? تبديلي جي ڏس ۾، وچولي مدي کان ڊگهي مدي واري حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون مستنند معلومات تي ٻڌل رپورٽون وفاقي حڪومت کي موڪلين ته جيئن ٻوڏ ۽ ٻرساتن سبب ٿيندڙ نقصانن جو جلد کان جلد ڪاٿو لڳائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ترق??ات?? ڪمن کي موسم??ات?? تبديلي جي ترجيحن موجب آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي نقصانن کان بچي سگهجي. وفاقي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽين ٻوڏ سٽيل علائقن جي دورن کانپوءِ اجلاس کي بريفنگ، ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي ملڪ ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشنز بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.